شرح تحفه شاهدي قلمي نسخو

شرح تحفه شاهدي (قلمي نسخو): ترڪي ٻوليءَ ۾ هي قلمي نسخو شاهديءَ جي فارسي- ترڪي لغت ‘تحفهء شاهدي’ جي شرح تي لکيل آهي. شرح جو جوڙيندڙ لطفي آهي. هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي ۽ ڪاتب مصطفيٰ بن ابراهيم 1134هه/1721ع ۾ هي شرح ترڪي ٻوليءَ ۾ لکي پوري ڪئي. شروعات ۾ هي لفظ لکيل آهن:
بسم الله الرحمـٰن الرحيم فاتح را
پرچم عنبر شميم.....الخ”
۽ پڄاڻيءَ ۾ هي لفظ لکيل آهن:
“....المرغوبة الحمدالله علي الاتمام
والصلوة علي خيرالانام”
هي قلمي نسخو 141 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو